ڀٽ ڊاٽ اَي آءِ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ھڪ چيٽ باٽ آهي، جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ، لازوال شاعري، فڪر ۽ ڏاھپ کي محفوظ ڪري عام ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آھي. هي چيٽ باٽ عالمن، محققن، شاگردن ۽ لطيف سائينءَ جي شاعري سان چاھ رکندڙن لاءِ ثقافت کاتي، سنڌ حڪومت جي اداري ”عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ“ خاص طور تي تيار ڪيو آھي.
اسان جو ازم: ”لطيف سائينءَ جو فڪر، ھاڻي دنيا ۾ ھر ڪنھن تائين پھچندو.“